يونين ڪائونسل ڊيليگٽس لوڪل ڪائونسل ايسوسئيشنز طرفان سکر ۾ تربيت ورڪشاب جو پروگرام ڪيو ويو
سکر (بيورورپورٽ) يونين ڪائونسل ڊيليگٽس لوڪل ڪائونسل ايسوسئيشنز طرفان سکر ۾ تربيت ورڪشاب جو پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ يوسي بچل شاهه مياڻي، راهوجه ۽ يوسي نئون ڳوٺ جي چونڊيل چيئرمينن سميت ميمبرن شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي طالب حسين مهر ۽ افضل علي چنه چيو ته هي تربيتي پروگرام وو آرگائيزيشن لوڪل ايسوسئيشن، ديولوشن ٽرسٽ فار ڪميونٽي ۽ پاور مينٿ جي اڳواڻي هيٺ هر ڏينهن مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ٽريننگ جو پروگرام رٿيو ويندو آهي جنهن جو مقصد لوڪل گورنمينٽ جي سسٽم کي ٻيهر رائج ڪرڻ آهي. هنن چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي نظام ذريعي ئي خوشحالي ۽ ترقي جا رستا کلي سگهن ٿا ۽ عام ماڻهن کي انصاف ملي سگهي ٿو. لوڪل گورنمينٽ جي گذريل دور ۾ يوسيز کان وٺي ضلعي سطح تائين ترقي جا رڪارڊ ڪم ٿيا آهن ۽ شهرين کي بنيادي حق مليا آهن عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ لوڪل گورنمينٽ جو سسٽم بي مثال آهي.