سکر

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا

سکر (بيورو رپورٽ)هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان ضلعي ڪور گروپ ڪو آرڊينيٽر شاڪر جمالي جي سربراهي ۾ گورنمينٽ ڊبل اليڪشن هائي اسڪول سکر ۽ گورنمينٽ ڪمپريهينسو هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا. رواداري جي موضوع تي ضلعي ڪور گروپ ڪو آڊينيٽر شاڪر جمالي چيو ته اسلام اسان کي هڪجهڙائي، پيار محبت جو درس ڏنو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي ته ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربي تي ڪا به فوقيت ناهي. اسين سڀ پاڪستاني آهيون، اسان سڀ تي ڀائيچاري، ايڪي ۽ ٻڌي سان رهون ۽ نه ئي ڪنهن کي گهٽ سمجهون ڀلي اهو مسلم هجي يا غير مسلم، دل مان بغض ڪينو ۽ ساڙ ڪڍي ڇڏيون ته اسان جون ملڪ خوشحالي طرف وڌندو. آخر ۾ عبدالواجد مهر چيو ته ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهريان هڪ ڍانچو تيار ڪيو ويندو ۽ انهيءَ تحت ڪم ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي طرح انساني حقن لاءِ هڪ ڍا نچو آهي جنهن تي انساني حقن جي ڄاڻ مهيا ٿيل آهي. اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون سڀني لاءِ قانون هڪ جهڙو لاڳوئي ٿئي ٿو چاهي اهو هندو هجي يا مسلم يا وري صدر پاڪستان هجي يا وري عام شهري اسان کي انسانيت کي ڏسڻو آهي نه ئي ڪنهن ذات پات کي اهڙي طرح پروگرام پڄاني تي پهتو شاڪر جمالي پنهنجي اسڪولن جي هيڊ ماسترن جو تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button