موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي، ڪرپشن ۽ ڦر لٽ جو بازار گرم آهي: ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ
سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن پاران موجوده حڪومت کي ڪرپشن، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ خلاف گو زرداري گو ريلي شمس آباد سکر کان نشاط چوڪ تائين مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مهانگائي، ڪرپشن ختم ڪيو ۽ گو زرداري گو جا نعرا درج هئا، احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ چيو ته موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي، ڪرپشن ۽ ڦر لٽ جو بازار گرم آهي ريلوي، پي آءِ اي ۽ واپڊا جهڙن ادارن جي ڪارڪردگي مايوسي ڪن ٿي وئي آهي ريلوي جي بحران سان هر پاڪستان پريشان آهي ۽ ريلوي جو وزير استعيفيٰ ڏيڻ بدران ريلوي بند ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي، حڪمران پنهنجي موجوده دور ۾ عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، بيروزگاريءَ عوام جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اڄ سڄي قوم حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف کي ڏسي رهي آهي، مسلم ليگ ن ملڪي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ حڪمرانن کان جات حاصل ڪرڻ جو عهد ڪري ورتو آهي. اڄ جي ڪامياب ريلي حڪمرانن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي آهي. هن چيو ته بجليءَ جي قيمتن ۾ ٿيندڙ اضافي سان مهانگائيءَ جو سونامي ايندو، 2 وقت جي ماني ڪمائڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندي احتجاجي ريليءَ کي احمد جتوئي، امتياز سولنگي، محمد علي دايو، ذيشان بخاري ۽ ٻين به خطاب ڪيو ۽ چيو ته نواز شريف قدم وڌاءِ سڄي قوم تو سان گڏ آهي.