سکر

ملڪ کي آزاد ٿئي 70 سال ٿيڻ وارا آهن، پر نه اسلامي نظام نافذ ٿيو ۽ نه ئي عوام جا مسئلا حل ٿيا: سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري

Abdul Ghafoor Haidriسکر (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ صوبائي سيڪريٽري جنرل سينيٽر علامه خالد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ملڪ ڪنهن به قسم جي سياسي محاذ آرائي برداشت نه ڪري سگهندو، سياسي قوتون تدبر جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار ڳوٺ دين پور مهر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي آزاد ٿئي 0 7 سال ٿيڻ وارا آهن، پر نه اسلامي نظام نافذ ٿيو ۽ نه ئي عوام جا مسئلا حل ٿيا، نا اهل حڪمرانن جي ملڪ جا مسئلا حل ٿيڻ بدران ڏينهن ڏينهن سنگين کان سنگين تر ۽ حالتون بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن. هنن چيو ته ملڪ کي سرمايه دارن جاگيردارن ۽ فوجي آمرن حڪومت ڪئي آهي جيڪي ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن، هاڻي عوام انهن قوتن جي مقابلي ۾ علماءِ ڪرام جو ساٿ ڏين اسان پاڪستان ۾ حقيقي انقلاب برپا ڪري ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مضبوط اسلامي فلاحي رياست ٺاهينداسون. جي يو آءِ اڳواڻن موجوده پ پ حڪومت تي سخت تنقيد جو نشانو ڪندي چيو ته پ پ حڪومت پنهنجي انتخابي نعرن ۽ عوامي امنگن جي مطابق پارليامينٽ کان منظور شده متفقه قرارداد جي باوجود اڳوڻي آمر مشرف جون آمرانه ۽ سامراجي پاليسين کي تبديل ڪرڻ ۽ عوامي و ملڪي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، ان لاءِ عوام مشرف وانگر موجوده حڪمرانن کي به ايندڙ چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيندو.هنن چيو ته نواز ليگ جي طرز سياست ۽ محاذ آرائي تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ان لاءِ محاذ آرائيءَ کان گريز ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسلام دشمن ۽ استعماري قوتن اڄ عالم اسلام تي قبضو ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيون آهن ۽ سازش جي تحت پاڪستان جي گرد گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ ناپاڪ مقصدن جي تڪميل لاءِ ملڪ ۾ فرقه وارانه ۽ قومپرستانه تعصب کي اڀاري ڪري ملڪ جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشون ڪيون پيون وڃن ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ قومي و ملي وحدت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هنن چيو ته جي يو آءِ استعماري قوتن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ جدوجهد ڪري رهي آهي پوري دنيا ۾ استعماري قوتون ناڪاميءَ جو شڪار آهن، جلد دنيا ۾ اسلام جو جهنڊو لهرائيندو. جلسي کي مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا عبدالحق مهر، خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button