ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ آيل قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ڊي سي او
خيرپور : ڊي سي او خيرپور محمدعباس بلوچ خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور خيبرپختونخواهه کان خيرپور جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خدمت ڪرڻ جي جذبي سان آيل شاگردن سان ڊي سي او هائوس تي هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او شاگردن جي اهڙي جذبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ آيل قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي جوش ۽ جذبي تحت آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. ڊي سي او خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور خيبرپختونخواهه جي شاگردن سان مخاطب ٿيندي ٻُڌايو ته سندن اهڙي ڪوششن مان سنڌ توڙي ٻين صوبن جي شاگردن کي سبق پرائڻ گهرجي. ان موقعي تي شاگردن ڊي سي او خيرپور کي ضلعي جي برسات متاثر ماڻهن جي لاءِ کاڌي پيتي جي سامان سان ڀريل هڪ ٽرڪ حوالي ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ڊي سي او کين گذارش ڪئي ته هُو پاڻ ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري کاڌي پيتي جو سامان ورهائين. جڏهن ته ان موقعي تي خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور جي شاگردن کي ڊي سي او خيرپور پاران سنڌ جي ثقافتي سوکڙيون ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍايا ۽ سندن ڪوششن کي مڃتا ڏيندي کين لکت ۾ شڪريو ادا ڪندي شاباس ڏيڻ جو هڪ ليٽر پڻ حوالي ڪيو. جڏي خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور جا شاگرد وحيد معراج، نعمان زيب، بابر اعواڻ ۽ نعمت شاهه فيض گنج تعلقي جي برسات متاثر ڳوٺن ۾ پاڻ سان گڏ آندل کاڌي پيتي جي سامان جو ورهايو ويو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻ وحيد معراج ٻُڌايو ته سندن شاگرد سماجي تنظيم سوشل ويلفيئر سوسائيٽي خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور پاران سنڌ صوبي جي ٻين برسات متاثر ضلعن ۾ پڻ امدادي سامان ورهايو پيو وڃي جڏهن ته برسات متاثر علائقن ۾ طبي ڪئمپون پڻ لڳايون پيو وڃن.