مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان پاران برسات متاثرن جي امداد لاءِ سکر ۾ ھڪ تقريب ٿي گذري
سکر (بيورو رپورٽ) مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جي پاران سنڌ جي برسات متاثرن ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ امداد جي ٽئين مرحلي ۾ مرڪزي جامع مسجد اهل حديث مارچ بازار ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اهل حديث يوٿ فورس پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ مرڪزي جمعيت اهل حديث جي مرڪزي رهنما قاضي رياض قدير، عبدالله بن ام مڪتوم ٽرسٽ جي چيئرمين ميان محمد سليم ضيا، مرڪزي جمعيت اهل حديث پاڪستان جي مرڪزي ريليف ڪميٽي جي ميمبر مولانا عبدالرحمان ثاقب،ضلعي امير مولانا محمد عثمان ۽ ٻيا موجود هئا. سکر ڊويزن جي سوين متاثرن ۾ روڪ رقم ۽ سامان تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي قاضي رياض قدير چيو ته قدرتي آفتن ۽ مصيبتون در اصل اسان جو امتحان آهن جيڪي صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ گهرجي اهي اجر جا مستحق آهن ۽ جيڪي واويلا ڪندا، شڪوا شڪايتون ڪندا اهي ٻيڻي مصيبت جو شڪار ٿيندا. قرآن ۽ سنت جي روح سان ايندڙ مصيبتون اسان جي اعمالن جو نتيجو آهن پنهنجي اعمالن تي نظر ڊوڙايون ۽ الله سائينءَ طرف اچون. هن چيو ته مرڪزي جمعيت اهل حديث ان کان اڳ ميرپور خاص،حيدرآباد، بدين، سانگهڙ، مٽياري، نئون ڪوٽ، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۾ هزارين ماڻهن ۾ راشن، خيما، دوائون ۽ ضرورت جون شيون تقسيم ڪيون آهن. مولانا عبدالرحمان ثاقب چيو ته مرڪز جميعت اهل حديث لکين متاثرن ۾ بلا تفريق رنگ ۽ نسل جي سامان تقسيم ڪيو، جڏهن ته مرڪز ۽ صوبي ۾ هڪ ئي پارٽيءَ جي حڪومت هجڻ باوجود حڪومتي سطح تي اڃان تائين متاثرن کي صرف واعدن تي ٽڙڪايو پيو وڃي ۽ ماڻهن کي جمع ڪري صرف فوٽو سيشن ڪيا پيا وڃن. لکن جي تعداد ۾ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن موسمن ۽ بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو امداد جا منتظر آهن. ان موقعي تي حاجي عبدالمتين بندهاڻيءَ چيو ته مرڪزي جمعيت اهل حديث هزارين ماڻهن ۾ عيد پئڪيج تيار ڪري رهي آهي، جلد متاثرن تائين پهچايا ويندا. آخر ۾ 200 ماڻهن ۾ روڪ رقم تقسيم ڪئي وئي.