ڪتاب ۽ رسالا

ماھوار وينجھار جو آڪٽوبر جو شمارو مارڪيٽ ۾ اچي ويو


وينجهار رسالي جو تازو پرچو شايع ٿي ويو
حيدرآباد: سنڌي زبان ۾ گذريل 27 سالن کان ڇپجندڙ ديني،سياسي،علمي،ادبي ۽ تجزياتي رسالو وينجهار جو تازو پرچو شايع ٿي چڪو آهي.جنهن جي ٽائيٽل اسٽوري”قدرتي آفت ۾ ٻڏي ويل سنڌ“ آهي ،ان کان علاوه خيمن وارو ديس منهنجو ڙي،ڪراچي جي تقسيم جو آمريڪي منصوبو،اسان جي قدرتي وسيلن تي ڌارين جو راڄ،ڇا اي پي سي جي اعلاميه تي عمل به ٿيندو ؟،نائن اليون جي ڏهن سالن بعد ۽ ڊينگي وائرس هڪ خطرناڪ بيماري سميت ٻيا مضمون شامل آهن.اهڙي طرح برسات متاثرن لاءِ ٿيندڙ امدادي سرگرمين تي تفصيلي رپورٽون ،ڀلوڙ شاعرن جي نڪور شاعري ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل آهي.رسالي جو ايڊيٽر مجاهد چنا آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button