سکر

ماروي ميمڻ ھن سال به 27 آڪٽوبر تي لائين آف ڪنٽرول وٽ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Marvi Memonسکر (رپورٽ: عمر سومرو) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر ماروي ميمڻ هن ڀيري به 27 آڪٽوبر تي لائين آف ڪنٽرول وٽ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀارت مظلوم ڪشميرين تي جيڪا جاريحت استعمال پيو ڪري اها ناقابل برداشت آهي کيس ظلم ڪرڻ بجاءِ مسئلي جو حل ڳولهڻ گهرجي ان ڌرڻي ۾ ملڪ جا نوجوان ڀرپور نموني شرڪت ڪنداجڏهن ته ملڪ اندر حڪمران عوام مسئلن کي حل ڪرڻ بدران لٽ مار ۽ ناٽڪ بازي پيا ڪن رڳو ڪراچي ئي نه پر پوري ملڪ اندر ڀتاخور موجود آهن رڳو فرق اهو آهي ته ڪي ننڍا ڀتاخور آهن ته ڪي وڏا جيڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو موجود هجي ها ته روزگار ۽ نوڪريون مستقل ڪرڻ خاطر مرد ۽ عورتون اهڙي حالتن ۾ روڊن تي نه هجن ها اهڙو اظهار هن گذريل رات دير سان سکر نيشنل پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ن ليگ مخالف ڌر واري ڪردار ۾ دير ڪئي آهي جڏهن ته مفاهمت جي نالي ۾ هر اقتدار ۾ شامل پارٽي پنهنجو حصو پتي وٺي رهي آهي هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،صدر آصف علي زرداري جي بي ٽيم جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان تي ڌيان نه ڏيڻ گهر جي موجوده وقت ۾ تبديلي بابت پير پاڳاري جي ڳالهين واري سوال جي جواب ۾ ماروي ميمڻ چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته پير پاڳارو ڪٿان اشارو ملڻ بعد پيشنگوئي ڪندو آهي هن چيو ته ملڪ جي سٺن سياستدانن ۽ ملڪ جي خيرخواهه پارٽين سان رابطا مهم شرروع ڪئي آهي ملڪ جي مسئلن جي حل جي نالي تي جلد ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي ملڪ کي ون مين شو جي سياست کان نجات ڏياري وڃي. رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ انهن سياسي اڳواڻن کي گهرايو ويندو جيڪي سياست کان پاڪ هوندا ۽ هر شعبي جي ماهرين ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن جي پاليسي ڊائلاگ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. معاضيءَ ۾ اسان جي نوجوانن کي صرف جلسن ۾ تاڙيون وڄائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. ماروي ميمڻ چيو ته مسلم ليگ ن ٽن سالن کان ڪرپشن تي خاموش ويٺي هئي اگر حزب اختلاف جو صحيح نموني ڪردار ادا ڪري ها ته ملڪ جون حالتون هن وقت مختلف هجن ها هتي سياسي پارٽيون پنهنجي مفادن لاءِ جنگ وڙهي رهيون آهن، حڪومت جي ناڪام پاليسيون ۽ لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي ڪري عوام جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، منظم طر يقي سان بيلٽ ۽ ووٽ جي ذريعي تبديلي آندي ويندي ۽ عوام آزمايل سياستدانن کي ٺڪرائي ڇڏيندو. اسان رائيٽس لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ان ۾ سٺي طاقتن کي ويهاريو ويندو جيڪي ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته ڪراچيءَ جون حالتون اتان جي پارٽين جي ڪري خراب آهن اگر حڪمرانن جي نيت صاف هجي ته ڪراچيءَ جون حالتون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون بعد ۾ هن سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ جي رهائش گاهه تي ڏنل دعوت جي موقعي تي صحافين ۽ واپارين سان گفتگو ڪندي چيو ته حڪومت جي غفلت ۽ عدم توجهي جي ڪري قومي معيشيت، صنعت ۽ تجارت، ڪاروبار زبون حالي جو شڪار آهي، جنهن سان
ا قتصادي معاشي صورتحال بگڙجندي وڃي ٿي، واپارين تي غير ضروري ٽيڪس عائد ڪري انهن جي تجارتي سرگرمين کي مفلوج ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري هر ايندڙ ڏينهن سان ڪاروبار ڊائون ٿيندو وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. ماروي ميمڻ جو چوڻ هو ته بجيٽ اچڻ کانپوءِ ڪيترائي مني بجيٽ عوام جي لاءِ عذاب بڻجي چڪا آهن، پئٽرول، سي اين جي، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي جي ڪري صنعتڪاري جو شعبو شديد متاثر ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي جيڪا هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت جون تجارتي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيڪار پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن جنهن جي ڪري محنت ڪش طبقو شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي. هن چيو ته حڪومت اصلاح احوال تي توجهه نه ڏني ته انهيءَ جي مقبوليت جو اندازو ايندڙ چونڊن ۾ چڱيءَ طرح ٿي ويندو.ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، حاجي غلام شبير ڀٽو، عبدالستار راجپوت، برڪت علي سولنگي، شريف ڏاڏا کان علاوه واپارين جي گهڻي تعداد موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button