خيرپور

صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ برسات جي صورتحال جي ڄاڻ ورتي

Manzoor Wassan Photoخيرپور:صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ کي ضلعي اندر تازو برسات جي صورتحال جي حوالي سان جامعي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي سي او بريفنگ دوران گهرو وزير کي ٻُڌايو ته ضلعي اندر ٽي تعلقا فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. ڊي سي او بريفنگ ڏيندي کيس ٻُڌايو ته برسات متاثر جي رليف ۽ بحالي واري ڪم ۾ ضلعي حڪومت، پاڪستان آرمي سان گڏجي ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته بحالي واري ڪم ۾ مختلف اين جي اوز جي تعاون سان ڪيترن ئي برسات متاثر ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو پيو وڃي جنهن ۾ لکين خاندانن کي کاڌي پيتي جو سامان مهيا ڪيو ويو آهي ۽ کين صحت جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي صوبائي گُهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او خيرپور کان ضلعي جي وڌ ۾ وڌ متاثر ٽنهي تعلقن جي يونين ڪائونسل سطح تائين ٿيل نقصان جا تفصيل ورتا ۽ شرڪت ڪندڙ مختلف کاتن جي عملدارن کي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ۽ بهتر قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ايم اين اي نواب وساڻ، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بُلوچ، مختلف کاتن جي اِي ڊي اوز، ڊي اوز، ڊي ڊي اوز، تعلقي مختيارڪارن، ٽي ايم اوز ، پيپلز پارٽي ورڪرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ صوبائي گهرو وزير پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي گهرووزير پريس ڪانفرنس ڪري ڪراچي توڙي صوبي جي امان امان جي صورتحال متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button