سکر

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: غلام شبير دايو

nawaz sharif1سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ مسلم ليگ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ان پنهنجي دفتر ۾ ملندڙ وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيون. وفد ۾ احمدعلي جتوئي، شيخ مرزا، محمد نواز سومرو، لياقت علي ۽ ٻيا شامل هئا، غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته عمران خان حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ميان نواز شريف عوام جي بنيادي حقن ۽ پاڪستان جي بچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪي حڪومت ۽ انهن جي وزيرن کي سمجهه ۾ نٿيون اچن، پنجاب جي گورنر لطيف کوسي ميان شهباز شريف کي وزير اعليٰ پنجاب مڃڻ کان انڪار ڪري توهين عدالت ڪئي آهي جنهن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ جي قيادت قانوني ڪارروائي ڪري. آخر ۾ هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ عظيم خاتون هئي، ان جي وفات تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button