سکر
سکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري
سکر(بيورورپورٽ)سکر ۾ ڏينهن ڏٺي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيوخبرموجب سکر جي سيشن ڪورٽ ويجهو شاليمار واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن ڪيس جي پيشي لاءِ پنوعاقل کان آيل نوجوان يارمحمد پٽ بهاول جتوئي تي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا فوري اطلاع باوجود پوليس ٿسي سيڪشن ٿاڻو ويجهو هئڻ باوجود پوليس اڌ ڪلاڪ دير سان پهتي ۽ لاش سول اسپتال کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪئي واضع رهي ته اڳ به ساڳي علائقي ۾ پوليس جي موجودگي باوجود ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ آيل ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي.