مختصر خبرون

سکر ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا ويا، فوتي ٺل جا رهواسي هئا، خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ويجهو سوسائٽي روڊ وٽ مٽيءَ جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀريندڙ 2 مزدور نهال خان، خوشدل بنگلاڻي مٽي ڀري رهيا هئا ته اوچتو مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ٻئي مزدور دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش مٽيءَ مان ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر آندا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوت ٿيندڙ ٻئي مزدور جيڪب آباد جي ضلعي جي شهر ٺل جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا.خبر پوڻ شرط سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button