سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي دعويٰ ھڪ ڪوڙ ۽ ڌوڪو آھي : ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
سکر (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سرڪاري دعويدارن جي ان دعويٰ کي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي اڪثريت کي بحال ڪري ڇڏيو آهي کي رد ڪندي چيو آهي ته اها دعويٰ بلڪل ڪوڙي ۽ ڌوڪو آهي ۽ متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي مترادف آهي، جي يو آءِ سنڌ جي پريس ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سکر ويجهو ڳاڙهي موريءَ ۾ جي يو آءِ پاران منعقد عظيم الشان عظمت اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو پاڻ هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو متاثر علائقن ۾ ويو آهي ۽ دعويٰ سان چوان ٿو ته اڃان تائين 0 2 فيصد متاثرن کي به پنهنجي گهرن تائين واپس نه ڪيو ويو آهي ۽ 0 8 فيصد ماڻهو اڃان تائين دربدريءَ جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن ۽ ڪيمپن ۾ پيا آهن، هن چيو ته اگر جلد هنن متاثرن جي بحاليءَ جو انتظام نه ڪيو ويو ته اچڻ واري سياري جي موسم ۾ سيلاب کان به وڌيڪ تباهي ايندي جنهن جا ذميوار حڪمران هوندا، هن چيو ته اسان متاثرن ۾ 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي امداد تقسيم ڪئي آهي جيڪو مون محسوس ڪيو آهي ته ٿيل تباهيءَ جي مقابلي ۾ اُٺ جي منهن ۾ زيرو برابر آهي. هن چيو ته موجوده حڪمرانن جي نيت مان لڳي رهيو آهي ته متاثرن جي امداد هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا مگر انهن کي ائين ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسون. هنن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي اعلان ڪيو ته اگر هڪ مهيني جي اندر متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍي ڪري تمام متاثرين کي پنهنجن علائقن ۾ بحال نه ڪيو ويو ۽ متاثرين کي امداد فراهم نه ڪئي وئي ته جي يو آءِ متاثرين سان ملي ڪري حڪومت جي خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي. وزيرن کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر هائوس جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو بعد ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ٻيهر متاثر علائقن جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو جتي هو جي يو آءِ پاران متاثرين ۾ امداد تقسيم ڪندو.