سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن: صوبائي وزير صادق ميمڻ
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي جيلن واري صوبائي وزير صادق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي هنر مند ۽ تعليم يافتا بنائڻ لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته جيلن ۾ جلد موبائيل فون استعمال ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو سکر سينٽرل جيل جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيلن ۾ قيدين سان زيادتين جي شڪايتن تي هن جيلن جو دورو شروع ڪري ڇڏيو آهي قيدين سان جيل انتظاميا جي زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو جيل عملدار ان عمل ۾ ملوث ظاهر ٿيو ته ان خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ ڪيترن سالن کان قيد قيدي انصاف لاءِ عدالتن ڏانهن نهاري رهيا آهن ان ڏس ۾ اسان پڻ عدالتن سان رابطو وڌايو آهي جيئن انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي يقيني بڻجي سگهي ۽ هو جلد آزد به ٿي سگهن ان دوران هن قيدين کان سندن مسئلا پڻ معلوم ڪيا ۽ کين خاطري ڪرائي ته انهن جي شڪايتن جو پڻ ازالو ڪيو ويندو ٻنهي جيلن جي دوري دواران هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جيلن ۾ سهولتون مهيا ڪيون آهن. جڏهن ته اڳ قيدين کي 35 رپين في قيدي جي حساب سان روزانو کاڌو ڏنو ويندو هو. جڏهن ته هن وقت روزانو في قيدي جي کاڌي لاءِ 110 روپيا مقرر ڪيا ويا آهن. هن ٻنهي جيلن جي سپرنٽنڊنس کي هدايت ڪئي ته هو قيدين کي جيل مينوئل مطابق سهولتون فراهم ڪن. هن جيل ٽو جي اسپتال جو پڻ دورو ڪيو ۽ بيمار قيدين کان خير آفيت معلوم ڪئي. هن سينترل جيل ون ۾ بند ٿيل ڪارخاني جنهن کي آپريشنل ڪيو ويو آهي. جنهن جو پڻ افتتاح ڪيو ويو. جنهن ۾ قيدين کي ڊکاڻڪو، ڪارپيٽ ٺاهڻ ،ڪپڙا سبڻ، ٽي وي ٺاهڻ، ڪاشيءَ جو ۽ ٻيا ڪم سيکاريا ويندا. دوري دوران ايم پي اي سکرڊاڪٽر نصرالله بلوچ،سيد جاويد شاهه ۽ ٻنهي جيلن جا جيل آفيسر پڻ موجود هئا.