روھڙي جي ميراڻي برادري جو ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري سکر ۾ مظاھرو
سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي جي علائقي جهانگڙو جي رهائشي ميراڻي برادري جي ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري خلاف سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، مظاهري جي قيادت شير محمد، محمد يوسف ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جي برادري جا ماڻهو روز وانگر درياءَ ۾ ٻيڙي جي ذريعي ڄار وجهڻ لءِ مڇيون پڪڙي رهيا هئا ته اچانڪ انهن تي جاگيراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪري اياز احمد ميراڻي کي زخمي ڪيو ۽ اسان جي ماڻهن کان ڄار کسي ٻيڙي تي قبضو ڪري ڇڏيو جنهن جو مقدمو اسان جهانگڙو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس انهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري. جنهن جو فائدو وٺي جوابدار اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽس وٺي ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.