سکر

روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون

railway1سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون خيبر ميل ۽ قراقرم ايڪسپريس جي مسافرن ڪاوڙ ۾ اچي ريلوي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي اسٽيشن ماستر جي آفيس جو گهيراءُ، عملو آفيس ڇڏي ڪري غائب، خيبر ميل ايڪسپريس جو ڊرائيور خوف وچان انجڻ تان لهي ويو، مسافر انجڻ تي سوار ٿي ويا، خبر موجب: ريلوي کاتي ۾ انجڻن جي ڪمي ۽ مالي بحران جي ڪري ڪجهه عرصي کان ڊيزل جي قلت جي ڪري ملڪ جي ٻين ريلوي اسٽيشنن سميت ملڪ جي اهم ترين ريلوي اسٽيشن روهڙيءَ ۾ به انجڻن جي ڪمي ۽ ڊيزل جي قلت جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ڏانهن ويندڙ اپ ۽ ڊائون جي مسافر ٽرينون انجڻين ۽ ڊيزل جي قلت جي ڪري ڪيتر ائي ڪيترائي ڪلاڪ ليٽ جو شڪار ٿي رهيو آهي، سومر ڏينهن لاهور کان ڪراچي ويندڙ قراقرم ايڪسپريس جو انجڻ فيل ٿي ويو جنهن جي ڪري متبادل انجڻ جي عدم فراهمي جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽرين بيٺي رهي جنهن جي ڪري ٽرين ۾ سوار پريشان حال مسافر ڪاوڙ ۾ اچي ۽ انهن ريلوي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪندي آفيس ۾ داخل ٿي ويا ۽ هنگامه آرائي شروع ڪري ڏني جنهن کانپوءِ ريلوي انتظاميا پاران قراقرم ايڪسپريس جي بوگي ٻي ايندڙ ٽرين کي تيزگام ايڪسپريس ۾ هڻي ڪري ٻنهي ٽرينن کي منزل طرف روانو ڪيو، بعد ۾ پشاور ويندڙ خيبر ميل ايڪسپريس جو روهڙي ريلوي اسٽيشن تي انجڻ فيل ٿي ويو ۽ ان جي متبادل انجڻ جي عدم جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بيٺي رهي ان جا مسافر به ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ احتجاجي ڪندي نعريبازي ڪئي مسافرن پاران هنگامه آرائي ۽ متبادل انجڻ جي عدم فراهميءَ کي خيبر ميل ايڪسپريس جو ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور انجڻ تان لهي ڪري هليا ويا، جنهن جي ڪري مسافر ۽ نوجوان خالي انجڻ ۾ سوار ٿي ويا ۽ انجڻ جي مشينريءَ ۾ ڇيڙ ڇاڙ سان گڏ وگڏ ٻار انجڻ ۾ کيڏندا رهيا بعد ۾ خيبر ميل کي متبادل انجڻ فراهم ڪري منزل طرف روانو ڪيو ويو، جڏهن ته اپ ۽ ڊائون جون ٻين ٽرينن جي انجڻين ۾ به ڊيزل جي فراهمي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ليٽ جي ڪري ڪيترن ئي مسافرن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button