حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو
سکر (بيورو رپورٽ)حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ۽ ان تي منافع بخش ادارو بنائڻ لاءِ سکر سميت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو. اهو فيصلو ريلوي انتظاميا پاران صدر آصف زرداري سان ملاقات بعد ڪيو ويو، ذريعن مطابق ريلوي انتظاميا صدر کي تجويز ڏني ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيل آهن ۽ ايرا ضي کان قبضا ختم ڪرائي ليز تي ڏنا وڃن ته ريلوي نه صرف خساري مان نڪري منافع بخش ادارو ٿي ويندو بلڪه اربين روپين جي آمدنيءَ کان علاوه کاتي جي مٿان 0 4 ارب روپين جو قرض به لهي ويندو. ريلوي جي تاريخ جي سنگين ترين مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ بدران اداري جي ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ تي توجهه ڏني وڃي اها ايراضي ليز تي ڏئي ڪري اربين روپين جي آمدني ٿيندي ۽ ريلوي کي وڌيڪ قرض وٺڻ کان بچايو وڃي. صدر جي ريلوي انتظاميا جي تجويز منظور ڪندي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ مان ريلوي جي ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قبضو ڪندڙن خلاف بلا امتياز گر ينڊ آپريشن ڪيو وڃي. ريلوي انتظاميا ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ ريلوي آفيسرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جي تشڪيل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن جلد کان جلد قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري سگهجي. واضح رهي ته صرف سکر ۾ ريلوي جي اربين روپين جي ماليت جي تقريبن 4 2 هزار ايڪڙ ايراضي ءَ تي قبضو آهي جڏهن ته صدر جي هدايت تي پيپلز پارٽيءَ جي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر رميش لعل ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريلوي جي قبضي ڪيل زمين جو سروي به ڪري رهيو آهي.