سکر

جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Sukkurسکر (بيورو رپورٽ)جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن اعجاز چاچڙ، لياقت چنه، جاني شيخ جي قيادت ۾ ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته دنيا جي عظيم ۽ لا زوال تهذيب يافته ملڪ ۽ سنڌي قوم کي حڪمران ۽ رياستي ادارا هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين بين الاقوامي برادري ۽ ويلفيئر ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌي قوم جي مدد ڪئي وڃي جو هتان جا حڪمران سنڌ کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين اقوام متحده، يورپي يونين ۽ بين الاقوامي براداري سنڌيءَ ريت سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ تعاون ڪن ۽ دنيا جي عظيم تهذيب يافته ملڪ سنڌ کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جسمم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي، يڪجهتي ۽ آزادي لاءِ هر پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button