جوڳي جاڳو اتحاد طرفان ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو
سکر (بيورو رپورٽ) جوڳي جاڳو اتحاد سنڌ جي چيئرمين ساحل جوڳي، سيڪريٽري جنرل علي جوڳي، ڊاڪٽر رشيد جوڳي ۽ جوڳي برادريءَ پاران سکر جي سائيٽ ايريا پوليس جي نا اهلي ۽ مرڪزي وائيس چيئرمين علي شير جوڳي جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ خيرپور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي جي جوڳين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جوڳين سائيٽ ايريا پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته گذريل خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دير سان سبزي منڊي ڀرسان ڳوٺ خميسو جوڳي ۾ پنج کان مٿي هٿياربند داخل ٿي هيٿارن جي زور تي اپلائيڊ موٽر سائيڪل سي ڊي 0 7 ، سونا زيور، ڪپڙا، موبائيل سيٽ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس چوڪي سڏ پنڌ تي هوندي به سامهون ويندڙ هٿياربندن جو پيڇو نه ڪيو. هنن چيو ته گذريل هفتي اندر ڳوٺ ۾ ٽي چوريون ٿيون آهن، پر پوليس هٿياربندن سان ٻٽ هجڻ ڪري جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر علي شير جوڳي جو ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿيو ته اسان پوري سنڌ جا جوڳي سکر ۾ گڏ ٿي ايس ايس پي آفيس ۽ سائيٽ ايريا ٿاڻي جو گهيراءُ ڪنداسين.