مختصر خبرون

جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي هڪ تعزيتي اجلاس

سکر (بيورو رپورٽ) مادري جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران هڪ تعزيتي اجلاس جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ جي زير صدارت منعقد ٿيو، اجلاس ۾ امير الدين شيخ، نعيم بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اصلاح الدين شيخ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عظيم زال ۽ عظيم ماءُ هئي ان جون پيپلز پارٽيءَ لاءِ عظيم قربانيون هيون، ان جي وفات ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي، مسلم ليگ ق جي رهنما حاجي اعجاز ميمڻ چيو ته پاڪستان لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ڪڏهن به فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن. ق ليگ جا ڪارڪن ان جي اهل خانه سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. تنظيم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر سعيد احمد اعواڻ، سکر سوشل ڊولپمينٽ ايسوسئيشن جي صدر سيد سڪندر علي شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته نصرت ڀٽو جي وفات هڪ سانحو آهي ان جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪافي عرصي سان ڀرجي نه سگهبو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button