جمعيت علماءِ اسلام پوليس تي عدم اطمينان جو اظھار
سکر (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام جي 3 ڪارڪنن مصطفيٰ ڪمال پيرزادو، محمد سومرو چوهاڻ، مولانا عبدالرشيد مهر جي قتل ۽ قاتلن جي عدم گرفتاريءَ ۽ ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ جي نااهل پوليس پاران قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ خلاف مدرسه بدرالهديٰ توحيديه ۾ جعيت علماءِ اسلام جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن جو مهمان خاص جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هيو، اجلاس ۾ مولانا عبيد الله ڀٽو، حافظ رفيق احمد توحيدي، شهيد ڪارڪنن جا و ارث، ابو جنيد چوهاڻ، عمر فاروق پيرزادو، حافظ غلام مصطفيٰ سومرو، محمد اعجاز مهر، قاري عبدالستار عباسي، حاجي نثار احمد سومرو، مولانا عبدالحق مهر سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي يو آءِ جي ٽن ڪارڪنن جي قتل ۽ قاتلن جي سرپرست سکر پوليس کي قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ جي ايس ايس پي سکر کي رڪاوٽ قرار ڏنو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته نا اهل ايس ايس پي سکر کي جلد هٽائي ڪري ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو ته موجوده ايس ايس پيءَ جي مختصر دور ۾ اسان جا 3 ڪارڪن بيدرديءَ سان شهيد ڪيا ويا آهن، جي يو آءِ پاران ڪيئي ڀيرا احتجاج، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سان ملاقاتون ڪيون، ايس ايس پي پاران ٽن ڏينهن جو ٽائيم ڏنو مگر افسوس 2 مهينا گذري وڃڻ باوجود شهيد ڪارڪنن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته موجوده ايس ايس پي سکر جي سٺي ڪارڪردگي نه آهي ان جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ٻين علائقن مان عوامي احتجاجن تي ضلع بدر ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سکر جي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هن چيو ته سينيٽ ۾ ايس ايس پي سکر خلاف تحريڪ التوا پيش ڪري ڇڏي آهي مگر حڪومت اهڙي نا اهل ايس ايس پي کي نه هٽايو ته قومي اسيمبلي ۾ به ان خلاف تحريڪ پيش ڪنداسون. هنن چيو ته هڪ هفتي جي اندر جي يو آءِ جي ٽن ڪارڪنن جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏينداسين.