ڪراچي

الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران سانگهڙ جي ڳوٺ شيرخان لغاري ۾ خيمه وسندي قائم.

Khidmat Tentڪراچي : الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران سانگهڙ روڊ تي واقع برسات متاثر ڳوٺ شيرخان لغاري ۾ خيمه وسندي قائم ڪري ورتي آهي.جتي ميڊيڪل،پڪل کاڌو پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن .الخدمت سنڌ جي ريليف ڪوآرڊينيٽر عظيم بلوچ چيو ته الخدمت واحد فلاحي اداروآهي جنهن شيرخان لغاري ڳوٺ ۾ پهچي برسات متاثرن جي مدد ڪئي آهي .جڏهن ته ان کان علاوه ڪوبه هتي ڪونه پهچي سگهيو آهي،الخدمت جي رضاڪارن هتي پنهنجي مظلوم عوام کي سهارو ۽ حوصلو ڏنو ته الله وڏو آهي.هوڏانهن جماعت اسلامي پنجاب ضلع لوڌران جي امير حاجي محمد رمضان پڻ متاثر ڳوٺ جو دورو ڪري ڪچو راشن ۽ ٻيو سامان ورهايو.هن الخدمت جي رضاڪارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته جماعت اسلامي سنڌ ۽ الخدمت برسات متاثرن جي مدد ڪري پنهنجو ديني فرض پورو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button