سکر
9 فٽن جي واڳون هڪ ٻڪري کي پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيو
سکر(بيورورپورٽ)سکر لڳ نارا ڪئنال مان 2 واڳون نڪري آيا ،هڪ واپس ته ٻيو مارجي ويو خبر موجب ڪالهه سکر جي صالح پت ويجهو ڳوٺ نبي بخش وٽ نارا ڪئنال مان 2 واڳئون پاڻي جي ڳوٽ ۽ بک جي ڪري ٻاهر نڪري آيا هڪ واڳون ماڻهن کي ڏسي واپس ڪئنال ۾ هليو ويو ته ٻئي 9 فٽن جي واڳون هڪ ٻڪري کي پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيو بعد ۾ ڳواٺاڻن مڙسي سان واڳون کي سوگهو ڪري ماري ڇڏيو اطلاع تي جهنگلي جيوت کاتي جي عملي پهچي واڳون پنهنجي قبضي ۾ آندو جنهن جا جزا ڪڍي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا جن موجب واڳون کي مارڻ سندن قانون ۾ ڏوهه آهي هوڏانهن اطلاع آهن ته ڄاڻايل واڳون جهنگلي جيوت کاتي جي تحويل ۾ ئي مري ويو واضع رهي ته سکر جي صالح پٽ ويجهو نارا ڪئنال مان اڳ به ڪيترائي واڳون ٻاهر نڪري ڳوٺاڻن جي مال کي پنهنجي خوراڪ جو نشانو بڻائي چڪا آهن ۽ ڪجهه انسانن کي پڻ زخمي ڪري چڪا آهن.