ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي: سسئي پليجو
ٺٽو: صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڃڏيو آھي، فقط ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ھڪ خرب روپين کان وڌيڪ زرعي نقصان ٿيو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ منجھند جو ضلعي ٺٽي جي ڪارو گھونگھڙو وٽ پيل واھن جي گھارن جو معائنو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته جتي قدرتي آفتن ماڻھن جي آبادين ۽ زندگين کي شديد نقصان پھچايو آهي اُتي ايل بي او ڊي جي غلط ڊزائن پڻ اُن نقصان کي اڃا وڌيڪ ٻيڻو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته تڏهن ئي اسان اُن غلط رٿابندي ڪيل ايل بي او ڊي جي مخالفت ڪندا آياسين ۽ هاڻ اُن ئي سبب ٺٽي ۾ آر بي او ڊي جي پڻ مخالفت ڪريون ٿا. انهن اينٽي سنڌ منصوبن ڪري ايندڙ سالن ۾ سنڌ ڪنهن گٽر واري ڍنڍ ۾ بدلجي سگھي ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڪارو گونگھڙو تي 12 انچ پائپ لائن لڳائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو ۽ اُتي موجود ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻين روينيو ۽ ايريگيشن کاتن جي عملدارن معلومات ورتي ۽ کين ضروري ھدايتون جاري ڪيون. بعد ۾ صوبائي وزير سسئي پليجو ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل مختلف ڪئمپن جو دورو ڪيو ۽ ڪئمپن ۾ موجود برسات متاثرين کان مسئلا معلوم ڪيا. ھن ضلعي انتظاميه کي ھدايت ڪئي ته متاثرين کي ڪاڌ خوراڪ، علاج معالج کان علاوه ٻيون گھربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو برسات متاثر علائقن ۾ گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۽ مليريا وغيره کان بچاءُ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ طبعي گشتي ٽيمون روانيون ڪن ته جيئن متاثرين کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائي سگھجي. ياد رھي ته سسئي پليجو عيد کان مسلسل ضلعي ٺٽي جي مختلف تعلقن جي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن ۽ ڪئمپن جا دورا ڪري جائزو وٺي رهي آهي ۽ ذاتي طور تي ڪوششون وٺي ڪئمپن ۾ موجود متاثرين ۾ راشن پھچائي رهي آهي. صوبائي وزير چيو ته وزير اعلٰي سنڌ کان ٺٽي ضلعي کي آفت زده قرار ڏيڻ جو مطالبو رکيو آهي ۽ گڏو گڏ ٺٽي ضلعي سميت لاڙ جي پٽي لاءِ خاص پئڪيج ۽ زرعي قرضن جو اعلان ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو وڃي. ان موقعي تي پ پ ڪارڪنن جو وڏو تعداد سسئي پليجو سان گڏ هو.