شڪارپور

ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي مٿان وحشياڻو تشدد


Shikarpur Ploice Tortureشڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي تي وحشياڻو تشدد کيس بي هوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو . تفصيل موجب ڪلهه رات جو عبدالقيوم ڀٽي مزودوري ڪري پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هيو ته ڪرن شريف ٿاڻي جي پوليس اهڪارن کيس پڪڙي ڪري سڄي رات وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو کيس بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر ٻاهران اڇلايو ويو کيس علائقي جي ماڻهن سول اسپتال علاج لا۽ پهچايو اهڙي خبر پوندي سندس گهر وارا روڄ راڙو ڪندا سول اسپتال پهتا جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر هئي ان موقعي تي عبدالقيوم ڀٽي چيو ته مون کان پوليس اهلڪارن پئسا پڻ ڦريا آهن بعد ۾ سندس ڀاءُ ، سوٽ ۽ سندس امڙ امينه خاتون ايس ايس پي هائوس تي پهچي ڪري قران پاڪ کڻي سخت احتجاج ڪيو سندس اهڙي احتجاج جو ايس ايس پي جنيد احمد شيخ ٿڏي تي نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو ۽ متاثره ڌر سان واعدو ڪيو ته کين انصاف مهيا ڪيو ويندو سندس اهڙي واعدي تي متاثره ڌر پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button