ٺٽو

ڪاروگونگڙو سم نالي ٻيهر برساتن سبب اٿل کائي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي

Rohri Canalٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ميرپوربٺورو لڳ ڪاروگونگڙو سم نالي ٻيهر برساتن سبب اٿل کائي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ 4 آر سم نالي کي ٻيهر مختلف هنڌن تان گهارا پوڻ ڪري يوسي دريا خان سوهو ۽ جهوڪ شريف جا وڌيڪ 22 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا 600 کان مٿي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي علائقي جي دوري تي پهتا متاثرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا صوبائي وزير سسئي پيلجو پاران پي ڊي ايم اي کي مدد لاءِ اپيل. رپورٽن موجب ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ ٻه هفتا اڳ تباهي مچائيندڙ ڪاروگنگڙو سم نالو ٻيهر زوردار برساتن جو سلسلو جاري رهڻ ڪري ٻيهر واپس اٿل کائي علائقن کي ٻوڙڻ شروع ڪيو آهي. ڪاري گونگڙي جي اٿل سبب 4 آر سم نالي ۽ 3 آر سم نالي کي 3 هنڌن تان ٻيهر گهارا پئجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ يونين ڪائونسل دريا خان سوهو جا وڌيڪ 7 ڳوٺ جن ۾ مشتاق چانڊيو، حاجي خميسو چانڊيو، ڀلو ڪولهي، احمد رهبر، يوسف سومرو، ۽ موسا ڪوٽائي شامل آهن برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جتي 375 ماڻهو گهرن تائين محدود بڻجي اندر ڦاسي پيا آهن جن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جڏهن ته يوسي جهوڪ شريف جي ديهه چرٻٽي وٽ 3 آر سم نالي جي اٿل سبب ديهه چرٻٽي ۽ ٻين علائقن جي وڌيڪ 15 ڳوٺن کي برساتي پاڻي ٻوڙي ڳوٺاڻن جا زميني رابطا ڪاٽي ڇڏيا آهن پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ يار محمد جاڳو، محرم مگسي، آچو دل، عثمان ملاح، لاکو چانڊيو، ملوڪ ٻائتال، بچل جت، علي محمد جت ۽ ٻيا شامل آهن جن ۾ 300 کان مٿي ماڻهو برساتي پاڻي ۾ ڦاسي انتهائي بري زندگي گذارڻ مجبور ٿي پيا آهن پر حڪومتي مشنري غائب هجڻ ڪري سندن ڪا به سهائتا نه ٿي سگهي آهي ۽ ماڻهو انتهائي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته تڪ جي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي سان گڏ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ ڊي ڊي او روينيو کي هدايتون جاري ڪيون ته متاثر علائقن ۾ ٻيڙيون موڪلي متاثرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي چيو ته ضلعي انتظاميا سندن تڪ جي برسات سٽيل ماڻهن کي شروع ۾ نظرانداز ڪيو هو جنهن ڪري معاملو وڌي ويو پر هاڻي انتظاميا کي واضح طور چيو ويو آهي ته متاثرين جي سار لڌي وڃي هن مطالبو ڪندي چيو ته سجو ضلعو ٺٽو سخت متاثر ٿيو آهي ان ڪري ضلعي ٺٽي کي آفت سٽيل قرار ڏيئي خصوصي طور تي متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن. جڏهن ته صوبائي وزير سسئي پليجو ميرپوربٺورو تعلقي جي برساتي پاڻي ۾ گهيريل مختلف علائقن جي دوري بعد چيو آهي ته هن ڏکي گهڙي ۾ حڪومتي مشنري سان گڏ پاڪ فوج نيوي ۽ ٻين ادارن کي به مدد لاءِ طلب ڪيو ويندو ۽ غريب ۽ متاثر ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هوڏانهن برسات جي لاڳيتي وسڪاري سبب تعلقي ساڪري جي يوسي ڪرمپور جي ديهه ٻاروسري ۾ تباهي مچي ويئي آهي جڏهن ته ساڪرو سم نالو ون ايل کي پيل گهاري سبب ڳوٺ رحمت الله ، جمون، براد، صديق، خيرمحمد ، صوف ، مراد بلوچ، کمون، لونگ ، چاڪر، ڀاڳو خان ، بهاول ، رمضان ، موسي بلوچ سميت 30 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري هتان جي متاثرن جي زندگي عذاب بڻجي ويئي آهي ۽ پڻ گيسٽرو سبب هتان جا ٻه ڳوٺاڻا بيلدار غلام حسين ۽ لڌو ملاح فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته انتظاميا جي غفلت سبب وڌيڪ متاثر جانين کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن محمد موسي بلوچ، شفيع محمد بلوچ، حاجي صديق بلوچ، ڌڻي بخش ۽ سڪندر بلوچ چيو ته برسات کان وٺي هيل تائين چونڊيل نمائندن يا سرڪاري ڪاموري اسانجي ڪا به سار ناهي لڌي ڪچا گهر ڊهي ويا آهن روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ٻاهر نڪرڻ لاءِ سخت تڪليف ۾ آهيون گيسٽرو ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا آهن، ، سم نالو ساڪرو ون ايل جي اٿلڻ سبب اسان جو ڪروڙين رپين جو فصل تباهه ٿيو ويو آهي. هنن اعلي اختيارين کي گذارش ڪئي آهي ته سندن واهر ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ سندن اجي ۽ لٽي جو بندوبست ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button