ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهڻ لڳو ڪيترا ئي ڳوٺن ٻڏي ويا
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين جو سلسلو جاري برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ بعد ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو ٻن صوبائي وزيرن سميت ڊي سي او ٺٽو ڪاروگونگڙو تي پهچي هنگامي صورتحال لاڳو ڪري ڇڏي ماهر انجنيئرن کان مدد طلب، ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي ۽ ڪالهه آچر واري ڏينهن منجهند کان پوءِ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪالهه به ٺٽي سميت ضلعي جي سخت متاثر علائقن ميرپوربٺورو، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ سجاول سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ٻيهر برساتن جي وسڪاري سبب ٺٽي ضلعي اندر تباهي مچائيندڙ ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح ٻيهر وڌي ويئي آهي ۽ ان جي ابتي وهڻ ڪري سم نالن جي گهارن جو پاڻي ميرپوربٺورو تعلقي جي يوسي درياهه خان سوهو ۽ جهوڪ شريف جي وڌيڪ 20 کان مٿي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي متاثر چانڊيا، ملاح، سوها، شيخ، خاصخيلي، بروهي ، ميمڻ ۽ ٻين برادرين جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ماڻهن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ڳوٺن ۾ ڦاسي پيا آهن جڏهن ته متاثرن جي سار نه لهڻ سبب متاثر ماڻهو ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ۽ متاثر ڳوٺاڻا پاڻمرادو سم نالن جا گهارا بند ڪرڻ ۽ پنهجا ڳوٺ بچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪاري گونگڙي جي سم نالن جو پاڻي ڳوٺن کي ٻوڙڻ کان پوءِ جاتي چوڪ وٽ پرائمري اسڪول جي عمارت ۾ قائم هڪ رليف ڪيمپ ۾ پڻ داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب متاثر ماڻهو وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن هوڏانهن ڪاري گونگڙي جي صورتحال خراب ٿيڻ بعد ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو ، جيل کاتي وارو صوبائي وزير انجنيئر صادق علي ميمڻ ۽ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ڪاري گونگڙي پهچي اتي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي ۽ ضلعي انتظاميا پاران ڪاروگونگڙو پوائنٽ تي هنگامي صورتحال جو اعلان ڪندي آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي جي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ سان گڏ سکر کان پاڻي ڪڍڻ جون ڳريون مشينون گهرايون ويون آهن جڏهن ته ڪاروگونگڙو سم نالي جي سسٽم کي بچائڻ لاءِ ماهر انجنيئرن کان پڻ مدد طلب ڪئي ويئي آهي ته جئين وڌيڪ تباهڪارين کي روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهجي.