ٺٽو

ڊي سي او ٺٽو پاران قومي پوليو مهم جو افتتاح

DCO Inauguration of Polio Campaignٺٽو: ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته 26 کان 28 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم دوران اهڙا جوڳا اپاءُ ورتا وڃن جو ضلعي ۾ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. اهڙي هدايت هن اڄ سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ضلعي ۾ قومي پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏني. هن چيو ته صحت مند معاشري لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ محنت جي سخت ضرورت آهي جنهن سان نه صرف پوليو جو مڪمل خاتمو آڻي سگھجي ٿو بلڪه ٻارن کي هن موذي مرض کان هميشه لاءِ محفوظ پڻ ڪري سگھجي ٿو. ڊي سي او ضلعي ۾ پوليو جو ٽيون ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صحت کاتي ٺٽي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏو چئلينج برابر آهي ۽ اسان کي مڙس ماڻهو ٿي هن بيماري جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪرڻي آهي ته جيئن اسان پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي صحتمند ٻار ڏئي سگھون. ڊي سي او، صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين ته جيئن نئين نسل کي پوليو جھڙي موذي مرض کان بچائي سگھجي. هن چيو ته آئنده جنهن به علائقي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو ته ان علائقي جي صحت کاتي جي عملدار جو احتساب ٿيندو. ان موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر ارباب وزير احمد ميمڻ، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، پوليو بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام قادر شيخ کان علاوه صحت کاتي ٺٽي جا عملدار پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button