ڊي سي او خيرپور ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو
خيرپور: ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات متاثر جي بحالي واري ڪم جو سراسري طور تي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي او ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري مختلف علائقن جي برسات متاثرن ماڻهن کان سندن حال احوال ورتا جڏهن ته کين ضروري شين جي فراهمي جي حوالي سان ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊي سي مختلف ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته تازو سانوڻي واري برساتن جي نتيجي ۾ ضلعي جا ٽي تعلقاجنهن ۾ ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ نارا مڪمل طور تي متاثر ٿيا آهن جڏهن ته باقي ٻين تعلقن ۾ پڻ وڏو نقصان ٿيو آهي. ڊي سي او ٻُڌايو ته صوبائي توڙي ضلعي حڪومت پاران تمام وسيلا برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪتب آندا پيا وڃن جڏهن جلد حڪومت پاران برسات متاثرآبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو. هن ٻُڌايو ته برسات جي نتيجي ۾ ضلعي اندر هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل ووئنڻن، ڪمند، ڀاڄين ۽ ٻيو فصل تباهه ٿي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته برسات متاثرن کي جلد پاڪستان ڪارڊ ڏنو ويندو جنهن سان سندن بحالي لاءِ مدد ملندي. هن ٻُڌايو ته پي ڊي ايم اي کان ملندڙ کاڌي جو 50 هزار بيگس 50 هزار برسات متاثر خاندانن ۾ ورهايو ويو آهي جڏهن اڃان 50 هزار کاڌي جي بيگس جي ضرورت آهي. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته برسات متاثر علائقن جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن جڏهن مليريا کان بچاءُ لاءِ مختلف علائقن ۾ اسپري ڪرايو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته برسات متاثر علائقن ۾ صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ ۽ گمز پارانمفت طبي ڪئمپون لڳايون ويو آهن. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته چوپائي مال کي پڻ مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي.