شڪارپور

ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير حاضري ڪري اسڪول پٽيوالو تڙپي تڙپي فوت

Shikarpurشڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو سول اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ڊيوٽي ڊاڪٽر غير حاضر ، وارثن جو سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاج . تفصيل موجب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو غازي ناپر گورنمينٽ ها۽ اسڪول نمبر 1 ۾ ڊيوٽي دوران بي هوش ٿئي ڪري پيو سندس هم منصبن کيس سول اسپتال (جيڪا هڪ منٽ جي مفاصلي تي آهي ) پهچايو پر آ۽ ، سي ، يو ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر موجود نه هئو هڪ ڪلاڪ جي انتظار باوجود ڊيوٽي ڊاڪٽر سول اسپتال نه پهچي سگهيو غازي ناپر جيڪو اصل ڳوٺ صاد الله ناپر (بوجا ناپر ) جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ان ڪلاڪ دوران تڙپي تڙپي فوت ٿئي ويو سندن وارثن کي جئين ئي ان فوتگي جو اطلاع مليو ته وارث اوڇانگرون ڏيندا سول اسپتال پهچي ويا بعد ۾ سندن وارثن سول اسپتال جي عملي کي ايمبولينس ڏيڻ لا۽ چيو جيئن مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو وڃي پر اسپتال انتظاميه بي حسي جي انتها ڪندي چيو ته ايمبولينس ۾ تيل نه آهي ان ۾ 500 روپين جو تيل وجهرايو سول اسپتال جي ان روئي تي مرحوم غازي شيخ جي وارثن سخت احتجاج ڪيو بعد ۾ ڊاڪٽر جي غير حاضري بابت انڪوائري ٽيم قائم ڪئي وئي انڪوائري ٽيم جو انچارج ڊاڪٽر علي احمد شاه کي مقرر ڪيو ويو جنهن مرحوم جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي . سندس خاطري تي مرحوم جي وارثن احتجاج ختم ڪندي مرحوم جو مڙهه کڻائي ڳوٺ روانا ٿئي ويا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button