خيرپور

پاڻي زندگي آهي, سنڌو تي ڪو به ڊيم نه ٺهندو: سيد قائم علي شاهه

CM Speech Photoخيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌو تي ڪو به ڊيم نه ٺهندو جڏهن ته موجوده حڪومت سنڌو درياءَ جو حق ورتو آهي. هن چيوته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ جي نتيجي ۾ 40 ارب روپين جو فائدو ٿيو آهي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ جيڪو عوام جي لاءِ موجوده حڪومت ڪم ڪيو آهي ان جو مثال ملڪ جي پيپلز پارٽي جي دور کي ڇڏي ڪري گذريل ٽينهن سالن ۾ به ڪونه ٿو ملي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندو هو ۽ هاڻي به پارٽي عوامي طاقت ۽ قربانين جي نتيجي ۾ اقتدار حاصل ڪيو آهي هن چيو ته موجوده حڪومت صوبي ۾ 65 هزار کان وڌيڪ بيروگارن کي نوڪريون ڏنيون آهن، 20 هزار ماستر ڀرتي ڪري کين پڙهائڻ جي وڌيڪ تربيت پڻ ڏني وئي آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار خيرپور ويجهو سٺيو واهه ڀرسان هڪ عوامي ميڙ کي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعلى چيو ته موجوده حڪومت صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي عوام جي اجتماعي مفادن لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته موجوده سرڪار پاران ڪاري ڪامڻ جي علاج جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٻه ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته هزارين مريضن جو ڪاري ڪامڻ جو علاج ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته پئيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ اڍائي ارب روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته خيرپور ۾ 60 ڪروڙ جي لاڳت سان جديد اسپتال قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا هن سال مڪمل ٿي ويندي جتي هر بيماري جو شعبو قائم ڪري ۽ ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوبي اندر عورتن کي معاشي طور تي سگهار بڻائڻ لاءِ موجوده حڪومت ست لک عورتن کي هر مهيني شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت هر مهيني معاوضو ڏنو پيو وڃي ۽ جڏهن ته کين مفت زرعي زمين پڻ ڏني پئي وڃي ته جيئن عورتون پنهنجو گهر هلائي سگهن. ان موقعي تي وڏي وزير سٺيو واهه واري علائقي ۾ صحت جي بنيادي مرڪز قائم ڪرڻ، علائقي جي ويهن ڳوٺن کي بجلي، گيس ۽ ٻين بنيادي سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو پوليٽڪيل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو چيو ته موجوده حڪومت عوام جي طاقت ۾ قائم ٿي آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلز پارٽِي عوامي طاقت ذريعي اقتدار ماڻيندي. هن چيو ته صوبي اندر سيد قائم علي شاهه عوام جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيو آهي. جڏهن ته تقريب ۾ حاجي علي حسن موريجو وڏي وزير آڏو سپاس نامو پيش ڪيو ۽ علائقي جي مسئلن کان آگاهي ڏني. ان کان اڳ وڏي وزير جيلاني هائوس تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيوته هلندڙ برساتن جي ڪري صوبي ۾ اندازي کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ۽ فصلن کي وڌ ۾ وڌ نقصان پهتو آهي جڏهن ته برسات متاثرن جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ڊي سي اوز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن هن چيو ته برساتن جي ڪري پهريائين صوبي جي ڏاکڻي حصي نقصان ٿيو پر هاڻي سڄي صوبي اندر اندازي کان وڌيڪ برساتون هلي رهيون آهن پر حڪومت برساتن جي نتيجي ۾ پوندڙ وڌيڪ امڪاني نقصان کي روڪڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي، فصلن جي نقصان جي ڪاٿي لڳائڻ لاءِ روينيو عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ برسات متاثرن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ امدادي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف قدم پڻ کنيا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته برساتن جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن جي سربراهن سان هڪ ايمرجنسي گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هڪ ٻن ڏينهن اندر صوبي جي مختلف ضلعن جو برساتن جي حوالي سان دورو پڻ ڪيو ويندو. بعد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه تازو برساتن جي اچڻ کانپوءِ صورتحال جي جائزي لاءِ خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن سٺيو واهه، ڳوٺ خادم حسين ڪٽوهر، وڏا ماڇيون، بڊئي ماڇي ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ عام ماڻهن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي وزير اعلى ضلعي جي ڇهن تعلقن جي تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ گمبٽ، صوڀوديرو، ڪنگري، ڪوٽ ڏجي، ٺري ميرواهه، فيض گنج شامل آهن جڏهن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڇهن تعلقن جي ٽي ايم ايز جي چارج لاڳاپيل تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بعد ۾ وڏي وزير ڳوٺ بڊئي ماڇي ۾ استاد امان الله سولنگي جي وفات سندن پوئنرن سان تعزيت ڪئي. جڏهن ته گذريل رات سنڌي جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نارو ڍورو ۾ مشهور صنعتڪار مبين جماڻي جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي گهرو وزير منظور حسين وساڻ، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي نواب خان وساڻ، ايم پي اي نصرالله بلوچ، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ڊي آءِ جي سکر ظفر عباس فاروقي، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، ڊائريڪٽر اطلاعات سکر عبدالحق ٽڳڙ ۽ ٻين سياسي، سماجي شخصيتن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button