پاڪ فوج هميشه ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي: ميجر جنرل اصغر نواز
خيرپو: پنو عاقل ڇانوڻي جو جي او سي ميجر جنرل اصغر نواز چيو آهي ته پاڪ فوج هميشه ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي ۽ هاڻي به تازو برساتن ۾ صوبي اندر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق احمد ڪياني ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي خاص هدايتن تي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته ضلعي حڪومت جي سهڪار ۽ تعاون سان پاڪ فوج خيرپور ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار ٺري ميرواه تعلقي جي ڳوٺ صبڙ رند ۾ آرمي ميڊيڪل ڪئمپ ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي ۽ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج پاران تازو برساتن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن بدين، نوشهروفيروز ، خيرپور ۽ ٻين ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي ماڻهن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي حڪومت ۽ خاص طور تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پڻ ضلعي اندر برسات متاثرن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ضلعي حڪومت جي سهڪار سان برسات متاثرن جي مڪمل بحالي تائين پاڪ فوج پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهندي. ان موقعي تي جي او سي ميجر جنرل اصغر نواز ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پاڪ فوج پاران لڳايل مفت طبي ڪئمپ ، برسات جي پاڻي جي نيڪالي ۽ برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم جو جائزو ورتو جڏهن تقريب کان اڳ برسات متاثرن ۾ جي او سي ۽ ڊي سي او راشن جو سامان ورهايو. جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقي جي رهواسين پاران مليريا جي اسپري ۽ مڇردانين جي لاءِ ضلعي حڪومت ۽ پاڪ فوج کان گذارش ڪئي ان موقعي تي جي او سي ۽ ڊي سي او علائقي واسين برسات متاثرن کي مڇردانين ۽ مليريا کان بچاءُ جي لاءِ اسپري ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي پاڪ فوج جا آفيسر، ايِ ڊي او فنانس احمد علي قريشي، ڊي ايس ايم پي پي ايڇ آءِ مقصود احمد لُنڊ، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻيا علمدار ساڻن گڏ هئا.