پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر جي باڊي ٽوڙي ويئي
سکر(بيورورپورٽ)پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر ڊويزن جو اجلاس دايو هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن جي صدارت صوبائي صدر محمد انيس زئي ڪئي ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊگهي عرصي کان سکر ڊسٽرڪٽ جي عهديدارن جي ناقص ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي سکر ڊسٽرڪٽ جي باڊي توڙي وئي جڏهن ته عمران علي دايو کي سکر ڊويزن جو صدر نامزد ڪيو ويو ۽ ان کي اهي ذميواريون ڏنيون ويون ته سکر ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ جي باڊين کي تشڪيل ڏنو وڃي ان کان علاوه حاليه برساتن سکر شهر ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٽي ايم اي ۽ نساسڪ جي ناقص ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر نصراللهË بلوچ ۽ ٻيا ذميوارن کان اپيل ڪئي وڃي ته جلد کان جلد انهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي ته جئين عوام کي انهن مسئلن کان نجات ملي سگهي.