ٻورن ۾ لاش ۽ ڀتا خوري واري سياست جو آغاز ضياءُ الحق جي حمايت سان ايم ڪيو ايم شروع ڪيو: ممتاز خان ڀٽو
سکر(بيورورپورٽ)سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو پنهنجي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ملاقاتين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٻورن ۾ لاش ۽ ڀتا خوري واري سياست جو آغاز ضياءُ الحق جي حمايت سان ايم ڪيو ايم 6 8 9 1 ع ۾ شروع ڪيو. ان وقت منهنجو ٺاهيل سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ۽ جي ايم سيد جي سنڌ نيشنل الائينش قوم پرستيءَ ۾ وڏي جان وڌي جنهن کي روڪڻ لاءِ ضياءُ الحق ايم ڪيو ايم کي وڏي تعداد ۾ رقم ، هٿيار ۽ شهرت ڏئي ميدان ۾ آندو ۽ ايم ڪيو ايم اهي سهولتون ڀرپور استعمال ڪري ڪراچي جي عوام کي قيدي بڻايون ان سان گڏ پنهنجي مرضي جا انتخابي حلقا، ووٽن جون لسٽون، پولنگ اسٽيشنون، تعبيدار اليڪشن جو عملو وغيره استعمال ڪري اسيمبلين ۾ سيٽون هٿ ڪيون جنهن جي ڪري ضياءُ کانپوءِ هر دور ۾ حڪمران ڌر هنن کي پاڻ سان گڏ کڻڻ ضروري سمجهندي آهي. ۽ ان مان ايم ڪيو ايم ڀرپور فائدو وٺي پان ٻيڙي جي ڪيبن ۽ ريڙهيون هلائيندڙن جي محنت ڪش طبقي جي پارٽي مان وڌي وڏي ۾ وڏن سرمائيدارن جي پارٽي بڻجي وئي آهي. جنهن جو مرڪز لنڊن ۾ هڪ وڏي آفيس آهي. حالانڪه اتي اسان جهڙا جاگيردار قسمت سان ونيدا آهن ته هفتي ٻن کان وڌيڪ رهڻ جو خرچ برداشت ڪو نه ڪري سگهندا آهن ۽ پان پنڌ گهمندا آهن يا بسن تي چڙهندا آهن اڄوڪي صورتحال ۾ ٻي ڪا پارٽي به هٿيارن جي استعمال ۽ ڀتا خوريءَ کانسواءِ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ته ڇا پر سياست ئي ڪو نه ٿي ڪري سگهي. اهو آهي ڪراچي جي سياست جو پس منظر، توڻي ڪنهن کي وڻي يا نه مسئلي جو حل رڳو قانون نافذ ڪرڻ وارن جي سخت ڪارروائي آهي. ۽ نه مفاهمت يا مذاڪرات 2 9 9 1 ع يا 5 9 9 1 ع ۾ جيڪي ڪارروايون ٿيون انهن هٿيارن ۽ ڀتي تي سياست ڪرڻ وارن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا هئا پر مشرف ايم ڪيو ايم کي سنڌين جي خلاف استعمال جو هٿيار بڻائي انهن کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيو جنهن جو نتيجو اهو آهي ته هن زرداريءَ جي حڪمراني جنهن ۾ رڳو ڪراچي ۾ پنج هزار کان وڌيڪ نشانو بڻيل ماڻهو ماريا ويا آهن اها صورتحال سان منهن ڏيڻ جي جرئت ۽ قابليت رکي ئي ڪو نه ٿي اهي رڳو عوامي خزاني کي لٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪو نه ڄاڻن.ان موقعي تي تعلقي شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي ، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو، ٺيڪيدار يونين، ليبر يونين جي اڳواڻن مير حسن ٻرڙو، حاجي غلام حسين مگسي، حافظ محمد موسيٰ کاراني، گلبهار خان مگسي، استاد احسان خان ميمڻ، خالد حسين مگسي، خادم حسين ٻرڙو جن نواب ممتاز علي ڀتو سان ملاقات ڪري پنهنجي برادرين جي سوين ماڻهن سميت سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پارٽي جا اڳواڻ جاني حلياڻي، حبيب مهيسر، فياض ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.