ٺٽو

ٺٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي سجاول سب ڊويزن ۾ سم نالن جي ڪري ٿي آهي: صادق علي ميمڻ

Canalٺٽو(سجاد علي ميمڻ)جيل کاتي جي صوبائي وزير انجنئير صادق علي ميمڻ ٺٽي شهر ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل شهري علائقن توڙي ڪچي آبادي وارن علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ ٽي ايم اي انتظاميا کي شهري علائقن مان برساتي پاڻي جي فوري نيڪال ۽ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون ڏنيون ، صوبائي وزير صادق ميمڻ ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر سڀ کان وڌيڪ تباهي سجاول سب ڊويزن ۾ سم نالن جي ڪري ٿي آهي ۽ متاثرن جي علاج ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن پهچائي راشن فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت کي واضح هدايتو ڏنيون ويون آهن هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران برساتن دوران واهن ۽ شاخن کي بند ڪرڻ سبب شهري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جا مسئلا ضرور پيدا ٿيا آهن پر ٺٽي ۽ مڪلي تي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽي ايم اي انتظاميا کي اڳواٽ ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون هن شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته اهي هن موسم ۾ پيئڻ جو پاڻي اوٻاري پوءِ استعمال ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button