ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن: ڊي سي او
ٺٽو: ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي چيو آھي ته ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاء جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي جي ٻارڙن کي مستقبل ۾ معذوري کان بچائي سگھجي. اھا ڳالھه ھن اڄ صبح جو دربار هال مڪلي ۾ 19 کان 21 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي. ڊي سي او ٺٽو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر ايندڙ پوليو مهم دوران 100 سيڪڙو حدف حاصل ڪري پوليو مهم کي ڪامياب بنايو وڃي. هن چيو ته هن نيڪ ڪم ۾ ضلعي حڪومت پاران صحت کاتي ٺٽي سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو ۽ پوليو جي گشتي ٽيمن کي سموريون گھربل سهولتون فراھم ڪيون وينديون ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦرا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هن صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ پوليو مهم دوران وڌيڪ ليبر مقرر ڪري ٽيمون تشڪيل ڏين ته جيئن برسات کان متاثر ٿي رليف ڪئمپن ۽ جابلو علائقن ڏانهن منتقل ٿيل ٻارڙن کي پڻ رليف ڪئمپن ۽ جابلو علائقن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري سگھجن. ان موقعي تي ڊي سي او ٺٽو پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ٺٽو ڊاڪٽر نسيم ميراڻي جي گڏجاني ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. گڏجاڻي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، اي ڊي او ورڪس شفيق کنڀاٽي، اي ڊي او آئي ٽي علي احمد بلوچ، اي ڊي او سي ڊي ڊي جاويد صبغت الله مهر کان علاوه مختلف واستيدار کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي