ٺٽو

ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي: صادق علي ميمڻ

sindh floods 11 a village in moroٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جيل کاتي جي صوبائي وزير انجنيئر صادق علي ميمڻ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي ۽ ضلعي جي متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيارڻ لاءِ سمري تياري هيٺ آهي ڪاروگونگڙو تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالو برساتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تباهي آندي آهي پر هاڻي هنگامي بنيادن تي ڪاروگونگڙو سم نالي جي اٿل سميت ان جي سسٽم کي بچائڻ لاءِ مختلف پهلوئن کان جائزو وٺڻ بعد هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ انهن اتي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي ته جيئن صورتحال کي مانيٽر ڪري سگهجي ۽ ڊرينيج کاتي جي سپرنٽيڊنٽ انجنيئر دنون مل جي اڳواڻي ۾ ڊرينيج انتظاميا کي الرٽ ڪري وڌيڪ مشنري سميت متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن هن چيو ته برساتن جو سلسلو جاري رهڻ ڪري ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پر حالتن کي هر صورت ۾ ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ته جيئن صورتحال بهتر ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button