شڪارپور

ٺري ميرواھ جو اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر شڪارپور ۾ قتل


DSPشڪارپور : (رپورٽ عبدالوحيد ڦلپوٽو) اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر ڪورٽ سڳوري کان موٽندي مسلح هٿيار بندن هٿان قتل ، قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب . تفصيل موجب اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺري مير واه کان ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري کان جيئن ئي موٽي رهيو هيو ته سني پيٽرول پمپ شڪارپور با۽ پاس تي لڳل اسپيڊ بريڪر سبب جيئن ئي گاڏي آهستي ڪئي ته لڪيل هٿيار بندن مٿس فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس ڊرائيورخدا بخش گوپانگ شديد زخمي ٿئي پيو علائقي جي ماڻهن کين سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي سندس زخمي ڊرائيور کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڪري سول اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ۽ اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پو۽ سندس لاش شڪارپور پوليس جي هڪ اهلڪار منٺار شر وصول ڪيو جڏهن ته ڊي پي او شڪارپور جنيد احمد شيخ ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڊي ايس پي لطيف شر جڏهن ڳڙهي ياسين ۾ مقرر هيو ته سندس دشمني بروهي برادري جي قوم سان ٿئي هئي بروهي برادري جي ڪجهه ماڻهن کيس ذاتي دشمني تحت کيس قتل ڪيو سندس قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button