مختصر خبرون
10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي
لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) لاڙڪاڻي شھر جي نظر محلي جي رھواسڻ 10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واري واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جو سربراھھ امير ڀنڀرو، ارشاد شيخ، نصر ا لله ابڙو، يسار سنديلو ۽ راجا ڏاھر پھچي سندس قتل ٿي ويل نينگريءَ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس اين پي سربراھھ امير ڀنڀرو وارثن سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ راجڪماري جي قتل واري واقعي جي خبر اخبارن ۾ پڙھي دلي صدمو پھتو ھيو، سنڌ ۾ اھڙا واقعا عام ٿي ويا آھن، پر حڪومت متاثر خاندان کي انصاف فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، ھن چيو تھ باگڙي خاندان سان ھر طرح جو سھڪار ڪيو ويندو.