واحد بخش ناريجو جا قاتل اڃان گرفتار نه ٿي سگھيا، وارثن جو احتجاج
خيرپور ( ڊر ) اٺ ڏينهن اڳ گمبٽ تعلقه جي ڳوٺ کرڙي ناريجه ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل واحد بخش ناريجو ۽ واقعي ۾ زخمي ٿيل سندس گهر ڀاتين جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ناريجا برادري جي ماڻهن جو پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو گمبٽ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ محمد صديق ناريجو ، حبيب الله ناريجو ، علي محمد ناريجو ، مسمات عجيبان خاتون ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اٺ ڏينهن اڳ ڏهن کان وڌيڪ جوابدار جن ۾ علائقي جو بدنام ڌاڙيل اصغر ناريجو ، غلام مصطفي ناريجو ، غلام رسول ناريجو ، عبدالرحمٰن ناريجو ۽ ٻيا ڳوٺاڻي واحد بخش جي گهر ۾ داخل ٿي ننڊ ۾ ستل گهر ڀاتين مٿان لٺن ، ڪهاڙن ۽ لوهي سيخن جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۽ واحد بخش موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس زال پناهه خاتون ٻه ڌيئر غظيمه خاتون ، ماريت ۽ سندس پٽ محمد اسماعيل ، حفيظ محمد يونس ، محمد خان ۽ ٻيا پڻ شديد زخمي ٿي پيا آهن جيڪي اڃان تائين گمبٽ اسپتال ۾ پڻ داخل آهن جنهن جو ڪيس گمبٽ ٿاڻي تي پڻ داخل ڪيو ويو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو اٺ ڏينهن گذر باوجود پوليس واقعي جا جوابدار گرفتار نٿي ڪري هن الزام لڳايو ته گمبٽ پوليس جوابدار کان وڏي رشوت وٺي ساڻن ٻٽ بڻيل آهي هنن ڊي پي او خيرپور کان گهر ڪئي ته چوويهن ڪلاڪن اندر واقعي جا اصل جوبدار گرفتار ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري خيرپور پوليس تي هوندي.