ٺٽو

هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: اياز علي شاهه شيرازي

sindh floods 11 1ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ق ليگ جي ايم اين سيد اياز علي شاهه شيرازي ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي واهر نه ٿيڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومتي ادارن متاثرين جي بحالي ۽ امداد لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف متاثر علائقن ڪوٽ عالمون، ابڙال، موالي موري ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي ۽ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي وڌيڪ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر ڊرينيج کاتي جي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب وڌيڪ برساتن دوران تباهي ٿي آهي ۽ هن وقت به ماڻهو بي يارومددگار بڻجي کليل آسمان هيٺ امداد لاءِ وانجهائي رهيا آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻين ضلعن لاءِ امدادي پيڪيج جا اعلان ته ڪيا آهن پر ٺٽي ضلعي جي متاثرين سان ٻه اکيائي وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي هن مطالبو ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي کي فوري طور آفت سٽيل قرار ڏيئي متاثرين کي وطن ڪارڊ ۽ فصلن جي نقصان جا معاوضا ادا ڪري ڏنا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button