هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جهمپير ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد هندو برادري سميت واپارين جهمپير شهر ۾ هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو احتجاج ۽ نعريبازي جهمپير شهر ۾ هندوپنچائت ضلعي ٺٽي جي صدر ديوان گهنشام ٿانوراڻي جي ڀاءُ لڇمڻ داس ٿانوراڻي تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن گذريل ڏينهن نشي جي حالت ۾ سخت تشدد ڪري کيس مارڪٽ جو نشانو بڻايو ۽ کانئس پيسا کسي ورتا اهڙي واقعي خلاف جهمپير جي هندو برادري توڙي شهرين ۽ واپارين ڪالهه جهمپير شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ۽ احتجاجي جلوس ڪڍي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو احتجاج ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ ديون گهنشام ٿانوراڻي ، جسقم جهمپير جي اڳواڻ اسد گوپانگ ، ديوان دريانو مل، راجيش ڪمار۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جهمپير پوليس قانوني ۽ اخلاقي ليڪا لتاڙي هڪ شريف ۽ ڪاروباري شخص ديوان لڇمڻ داس کي بيگناهه تشدد جو نشانو بنائي کانئس ڦرلٽ ڪئي آهي هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار نشي جي حالت ۾ دت هئا جيڪي گارگند ڪري هندو واپاري سان انتهائي ناروا رويو اختيار ڪري کيس مارڪٽ ڪئي هنن گهر ڪئي آهي ته ملوث اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪري سندن بيچيني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.