مختصر خبرون

نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر ۽ گروپ چيف طرفان دوائن جو عطيو

خيرپو : نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر قمر حسين ۽ گروپ چيف ڊاڪٽر آصف اي بروهي جي ذاتي دلچسپي ۽ خاص هدايتن تي نيشنل بئنڪ سکر جي ريجنل هيڊ محمد زمان پاران ڊي سي او آفيس خيرپور ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ ۽ اِي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال کي ست لک روپين جي ماليت جي مختلف بيمارين جي دوائون ڏنيون ويون جيڪي تازو برسات متاثرن جي علاج لاءِ استعمال ۾ آنديون وينديون. ان موقعي تي نيشنل بئنڪ سکر جي عملدارن معشوق علي خواجه، محمد رمضان بلوچ، بشير احمد سنگهڙ ۽ خيرپور نيشنل بئنڪ جي ايريا مئنيجر ممتاز علي ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button