شڪارپور

مڙس ۽ سھري جو تشدد کان تنگ، عورت ووميڻ ٿاڻي تي پھتي

shikarpurشڪارپور : (عبدالوحيد ڦلپوٽو) ڪنڌڪوٽ واسڻ فرزانه بالڪاڻي مڙس ۽ سهري تشدد کان تنگ اچي ڪري گهران نڪري شڪارپور وومين سيٽر تي اچي پناه ورتي .
تفصيل موجب : ڪنڌڪوٽ واسڻ فرزانه بالڪاڻي زال راجه بالڪاڻي پنهنجي مڙس ۽ سهري جي تشدد کان تنگ اچي ڪري پاڻ کي شڪارپور وومين پوليس وٽ پيش ڪيو آهي رابطو ڪرڻ تي فرزانه بالڪاڻي چيو ته مون جي شادي چار مهينه اڳ راجه بالڪاڻي سان ٿئي هئي مون جي ماءَ پيءُ بدلي ۾ هڪ لک ٽيه هزار روپيه ۽ ٻه پيٽ پڻ ڏيڻ جو لکرايو هيو هاڻي راجه بالڪاڻي ۽ مون جو سهرو روز مون کي تشدد بڻائيندا آهن مون اها دانهن پنهنجي ڀائرن کي پڻ ڏني مون جو ڀاءُ محمد فاروق ۽ محمد حسين پڻ دانهن جو نه ورجايو مان بيوس ٿئي ڪري پاڻ کي وومين پوليس حوالي ڪيو آهي مون کي اهو ڀئو هيو ته مون کي مون جو مڙس ماري ڇڏيندو ان ڪري مان پاڻ کي پريس ڪلب ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو وس وارن بالا آفيسرن کي اپيل آهي ته هن ڏکئي گهڙي ۾ مون مسڪين سان حق ڪرائين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button