مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري
خيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران 5 ڏينهن واري ڪرايل آٽو ڪيڊ (ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائن) جي تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري، تقريب کي خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته جڏهن اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ چئون ٿا ته اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا ته پوءِ ڇا اسان ان ننڍڙي ڳوٺ جهڙي دنيا جي ترقين مان ڪو فائدو ورتو آهي؟ هن چيو ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن لاءِ اهو اڄ جي دور جو وڏو سوال آهي. اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان اهڙا ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صحرائي ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ياد رکجو جڏهن توهان هن ڪاليج مان ڊگري وٺي نڪرندئو ته دنيا ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ اڃا مقابلو وڌيڪ هوندو ۽ توهانکي روزگار صرف پنهنجي قابليت، ڪم ۽ تجربي جي بنياد تي ملي سگهندو، هن چيو ته هاڻ آهستي آهستي سفارش ڪلچر موت جي دروازي ڏانهن وڌي رهيو آهي.ڪاليج جي پرنسپال چيو ته، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج هن تمام ٿوري عرصي ۾ پروفيشنل ڊولپمينٽ ڪورسز جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪاليج جي انتظامي ۽ تدريسي شعبي جي سربراهن جي محنتن جو نتيجو آهي. آخر ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يوينورسٽي ڪاليج پاران خيرپور ۾ ڪرايل هن ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ 40 انجنيئرز ۾ ڪاليج جي پرنسپال مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جا تصديق ٿيل سرٽيفڪٽ ورهايا. تقريب ۾ ڪاليج جي انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.