ڪراچي

ملڪ کي امام خميني جي ضرورت آھي، متحده سان اتحاد ملڪ ٽوڙڻ برابر هوندو

zulfiqar mirza 1312 l ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته صدر آصف زرداري ۽ گهرو وزير رحمان ملڪ جيڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جو سبب بڻجن پيا ته ٻنهي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم دهشت گرد تنظيم آهي، لياري ۾ آپريشن ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ نائن زيرو تي به ڇاپو هڻي گوليون هلائي اتان دهشت گردن کي ڇو نه ٿو ڪڍيو وڃي. ڪعبي تي فائرنگ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ نائن زيرو تي ڇو نه ٿي ٿي سگهي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري رحمان ملڪ کي هٽائي يا رحمان ملڪ پاڻ استعيفيٰ ڏئي، جيڪڏهن صدر ملڪ ٽوڙڻ لاءِ سرگرم ر حمان ملڪ کي نه ٿو هٽائي ته ٻنهي ڄڻن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ملڪ ٽوڙڻ برابر هوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن صدر پاڻ ملڪ ٽوڙڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سندس مطالبو گهرو وزير رحمان ملڪ کي هٽائڻ هو غدار شخص کي وزير بڻائڻ آصف زرداريءَ جي غلطي هئي. ذوالفقار مرزا چيو ته آمريڪا دهشت گرد تنظيم ايم ڪيو ايم جي مدد ڪري رهيو آهي. آمريڪا پ پ يا ٻئي ڪنهن جي نه ٿو ٻڌي. رڳو متحده وارن جي ٻڌي ٿو. ڇا آمريڪا وارا سنڌين کي بيوقوف سمجهن ٿا. هن چيو ته بابر غوري کان ملڪ بچائڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي بابر غوري پورٽ اينڊ شپنگ جي وزارت دوران نيٽو جا هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينر ۽ ٻيون ٽرڪون چوري ڪرايون. ايم ڪيو ايم جي هر ايم اين اي وٽ جديد هٿيار موجود آهن. مرزا وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڪراچي مان نڪرندڙ نيٽو جي 2 کان اڍائي هزار ڪنٽينرن کان في ڪنٽينر 5 هزار ڀتو وٺن ٿا. ڪنٽينر اڏي سامهون بلڊنگ ۾ ايم ڪيو ايم جا 50 دهشت گرد ڪلاشنڪوفن سميت موجود آهن ڇاپو هنيو وڃي ته پڪڙي سگهجن ٿا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نيٽو ڪنٽينرن کان روزاني ڪروڙ کان سوا ڪروڙ رپيا ڀتو وٺي ٿي. هن چيو ته هڪ ماڻهوءَ جو ايترو دماغ خراب ڪيو ويو آهي جو ان کي جيڪو وڻي سو چوي ٿو. قاتل ۽ ڏوهاري هٿيار کڻي گهمن پيا. امن ڪميٽي وارا پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هاڻ لياري ۾ آپريشن ڪيو ويندو ته هو پاڻ لائسنس واري هٿيار سميت لياري ۾ هوندو. هن چيو ته کيس پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي ڪالهه وارو ذوالفقار مرزا عهدي پويان هو، ماڻهو وزارتن لاءِ سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏين ٿا. هن چيو ته کيس حڪومت، عدليه ۽ پوليس ۾ خاميون هجڻ ڪري ڪنهن تي اعتماد نه هو. هن چيو ته ملڪ ۾ انقلاب ضروري آهي ۽ انقلاب خوني هوندو آهي ان ڪري ملڪ کي امام خميني جي ضرورت آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button