لاڙڪاڻو

مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي: جيئي سنڌ متحدھ محاذ

JSMM لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ متحدھ محاذ پاران مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو، رياض ڪاڪيپوٽو، نواب مھر سميت ٻين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ڪالھھ 2 ڏينھن بھ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جن ۾ عمران چانڊيو، رحيم ڪلھوڙو، ڏاھر منگي، ڪامران کوکر ۽ ٻيا شامل ھئا، ھنن حڪومت کي چتا/ ڏيندي چيو تھ سمورن گم ڪيل ڪارڪنن کي ظاھر ڪري فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آھي، جڏھن تھ سنڌو ديش جي آزاديءَ تان ھٿ کڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ھنن جي ڪڏھن بھ ڪامياب نھ ٿيندي، ھنن چيو تھ جيسيتائين قومي ڪارڪنن کي آزاد نھ ڪيو ويندو، تيسيتائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button