ڪراچي

مستونگ سانحو امت جي اتحاد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ۽ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ جي سامراجي سازش آهي.عوام پنهنجي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ذريعي غيرن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندو.اسدالله ڀٽو

Asad Bhutto 021ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو مستونگ سانحي سميت ڪوئٽه ۾هڪٻئي پٺيان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي اتحاد امت ۾ ڏار وجهڻ جي سامراجي سازش قرار ڏيندي اهو گهر ڪئي آهي ته حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ۽ آئنده اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. هن اڄ هڪ بيان ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ مقتولن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيوته شهرين جي جان و مال ۽ ملڪيت جي حفاظت سميت امن وامان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي.مگر مستونگ واقعي سميت بلوچستان ۾ هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ واقعا حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهن..هن چيو ته سامراجي قوتون وڏي عرصي کان هڪ منظم سازش تحت ملڪ ۾ اهڙي طرح جي واقعن جي ذريعي فرقه واريت ڦهلائڻ ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام جهڙي صورتحال پيدا ڪري پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.مگر پاڪستاني عوام پنهنجي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ذريعي تمام تر بيروني سازشن کي ناڪام بڻائيندو.هن زور ڏنو ته زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ۽ مقتولن جي وارثن کي معاوضو پڻ ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button