مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ برسات متاثرن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ننڍي ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙيون ويون
حيدرآباد: ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه جنهن کي ضلعي سطح تي سنڌ ۾ برسات سبب متاثر ٿيل علائقن حيدرآباد ، ٽنڊو محمد خان ، ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري ضلعن ۾ جاري رليف آپريشن جو نگران مقرر ڪيو ويو آهي چيو آهي ته مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ برسات متاثرن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ننڍي ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته حڪومت متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اميد آهي ته ٿوري وقت ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي. اهڙو اظهار هن اڄ ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد احمد بخش ناريجو جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جيڪو رليف ڪيمٽي جي ميمبر پڻ آهي ، ٽِي ايم اوز ، ايڇ ڊي اي ۽ ضلعي انتظاميه جا عملدار پڻ موجود هئا.سيد سهيل اڪبر شاهه ٻڌايو ته برسات متاثرن لاءِ جاري امدادي سرگرمين واري عمل ۾ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري ذاتي طور تي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ وڊيو ڪانفرنس ذريعي متاثرن علائقن ۾ جاري سروي جي ڪم جو پڻ جائزو وٺي رهيو آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته اوورسيز چيمبر آف ڪامرس ، اينگرو ڪمپني ، انجمن پنجابي تاجران ۽ ٻين اسلامي فلاحي ادارن حيدرآباد ضلعي ۾ ترسيل برسات متاثرن جي سارسنڀال لهڻ جو يقين ڏياريو. هن وڌيڪ چيو ته حڪمت عملي تحت برسات متاثرن کي ضروري گهربل شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي جن ۾ راشن جا ٿيلها، پيئڻ جو صاف پاڻي ، طبي سهولتن سميت خيما شامل آهن. هن، ڊي سي او کي چيو ته هو انهن متاثرٿيل ڳوٺن ۽ علائقن جي نشاندهي ڪري جتي انهن گهربل شين جي ضرروت آهي ته جيئن انهن علائقن جي متاثرن کي پڻ اهي سهولتون فراهم ڪري سگهجن جيتوڻيڪ سيد سهيل اڪبر شاهه اهو واضع ڪيو ته سندس نگراني هيٺ ايندڙ ضلعن جي برسات متاثرن کي گهربل سموريون شيون ضلعي رليف ڪميٽين ذريعي فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ان عمل جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ سندس پاران نمائندا پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. هن ، ڊي سي او کي چيو ته کيس فوري طور تي متاثرن کي گهربل شين جي لسٽ فراهم ڪري ته جيئن ترت برسات متاثرن لاءِ گهربل شيون ضلعي حڪومت کي مهيا ڪري سگهجن.ان موقعي تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر / ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجو، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري سيد سهيل اڪبر شاهه کي سندس انتظاميه پاران ضلعي ۾ برسات متاثرن لاءِ جاري امدادي سرگرمين بابت تفصيلي آگاهي ڏني. هن چيوته حيدرآباد ۾ هن وقت تائين 513 ملي ميٽر برسات پئي آهي جنهن سبب سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملڪيتن کي وڏو نقصان پهتو آهي . هن چيو ته رڳو سرڪاري شعبي جي 752 يونٽس جي انفرااسٽرڪچر جنهن ۾ روڊ ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ بلڊنگس کاتي جو 1192.168 ملين رپين جو نقصان ٿيو آهي.هن ٻڌايو ته 5هزار 417 برسات متاثر جن مان 3 هزار 114 ٻارڙا، 1151 عورتون ۽ 1152 مردن سميت ڪل 949 خاندانن کي 15 امدادي ڪيمپن ۾ ترسايو ويو آهي جن ۾ گهڻي ڀاڱي برسات متاثرن جو تعلق مختلف ضلعن سان آهي. ٻئي پاسي 50 هزار برسات متاثر پنهنجن گهرن ويجهو ترسيل آهن جتي کين کاڌ خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃي .ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته 27 هزار 900 راشن ٿيلها ، اين ڊي ايم اي ،پي ڊي ايم اي ، ريڊ ڪريسينٽ ۽ ضلعي حڪومت پاران فراهم ڪيا ويا جن مان 1404 حيدرآباد سٽي، 6 هزار 50 تعلقي لطيف آباد ، 3287 تعلقي قاسم آباد ۽ 16 هزار 619 تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي برسات متاثرن ۾ ورهايا ويا آهن جڏهن ته 24 ڪلاڪن اندر اين ڊي ايم اي ۽ بيت المال پاران وڌيڪ 12 هزار 84 راشن ٿيلها فراهم ڪيا ويندا . ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته پي ڊي ايم اي ۽ ريڊ ڪريسينٽ پاران 3535 خيما فراهم ڪيا ويا جن مان 3 هزار 40 خيما برسات متاثرن ۾ ورهايا ويا آهن جڏهن ته 495 خيما ضلعي انتظاميه وٽ موجود آهن . ڊي سي او حيدرآباد ضلعي ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ تباهي لاءِ 260 ملين رپيا جي مالي مدد جو به مطالبو ڪيو . هن ٻڌايو ته 40 ملين رپيا ضلعي حڪومت کي ملي چڪا آهن ۽ 220 ملين رپين جي اڃان وڌيڪ ضرورت آهي. بعد ۾ ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه مٽياري جو پڻ دورو ڪيو جتي هن ڊي سي مٽِياري ثاقب احمد سومرو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي . ان موقعي تي ضلعي انتظاميه مٽياري جي عملدارن سان ڳالهائيندي سهيل اڪبر شاهه برسات متاثرن کي راشن ، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت جون سهولتون ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هن عملدارن کي اها به هدايت ڪئي ته اهي زرعي زمينن ۾ برسات جي بيٺل پاڻي کي ترت نيڪال ڪن ته جيئن لاڳاپيل هاري ايندڙ مند ۾ آبادي ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.هن چيو ته حڪومت آبادگارن کي ٻج ، ڀاڻ ۽ پوکي لاءِ ٻيو ضروري سامان خريد ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهي ايندڙ مند ۾ پوکي جي قابل بڻجي سگهن . هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته برسات متاثرن کي مليريا ۽ ڊينگي وائريس کان بچائڻ لاءِ برسات متاثر علائقن ۾ مڇرمار اسپري مهم شروع ڪئي وڃي. ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري چيو ته ضلعي ۾ برسات سبب ٿيل نقصانن جو بهتر طريقي سان سروي ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊي سي او مٽياري ثاقب احمد سومرو، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري سيد سهيل اڪبر شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي مٽياري جو تعلقو سعيدآباد برساتن سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي جڏهن ته ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا، بکر جمالي ۽ اڏيرولعل جا رهواسي اڃان تائين برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن.