ٺٽو

متاثرين برسات پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺٽي جي جابلو علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا، سندن سهائتا لاءِ ڪنهن تحرڪ نه ورتو

Rain in Tando Bagoٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جا برسات متاثر وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا، سوين ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ هجڻ ڪري متاثرين بي حال بڻجي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺٽي جي جابلو علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا، سندن سهائتا لاءِ ڪنهن تحرڪ نه ورتو، بيماريون عام ٿي ويون، ٺٽي ضلعي اندر ڪاري گونگڙي سم نالي جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿيل ميرپوربٺورو ۽ جاتي تعلقن جي متاثرين سميت جابلو علائقن کان آيل پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل ٺٽي تعلقي جي ٽن يوسيز ٽنڊو حافظ شاهه، جهرڪ ۽ اونگر جا سوين ڳوٺ اڃان تائين برساتي پاڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي جي ڳوٺن سميت گهوڙاٻاري، ميرپورساڪرو ۽ ساحلي علائقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ شاهبندر تعلقن جا اڪثر ڳوٺ به برساتي پاڻي سبب سخت متاثر ٿيا آهن، پر هن وقت تائين برسات متاثرين جي ڪنهن به سهائتا نه ڪئي آهي، ايستائين جو پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو مجبور ٿي بکايل، اڃايل ۽ نڌڻڪي حالت ۾ پاڻمرادو پاڻي هيٺ آيل علائقن مان نڪري ٺٽي جي جابلو علائقن ۾ کليل آسمان هيٺ رهڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڪنهن به سرڪاري اداري سميت سماجي اداري به سندن سهائتا لاءِ ڪي قدم اڳتي نه وڌايا آهن، برساتي متاثر ماڻهو صحت جون سهوليتون نه هجڻ ڪري وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر صحت کاتي جون ٽيمون متاثر علائقن ۾ نه پهتيون آهن، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم صحت مرڪزن ۾ دوائن جي کوٽ سبب ماڻهن کي وڌيڪ پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، متاثر ڊائريا، مليريا، چمڙي گيسٽرو سميت خطرناڪ وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري بي حال بڻجي ويا آهن ۽ اڪثر معصوم ٻارڙن جون زندگيون به خطري هيٺ اچي ويون آهن. ٻئي طرف ساحلي علائقي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ، گهوڙاٻاري ۾ برسات ۽ سامونڊي ويرون چڙهڻ سبب 40 کان مٿي ديهون متاثر ٿيون آهن جڏهن ته کاروڇاڻ ڪيٽي بندر جي آس پاس ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ آهن جڏهن ته 40 کان مٿي ديهن جن ۾ دارسي، ميرواري،دولو شولاڻي، ٻاٻيو، کاريواري ڀٽ ۾ برساتي پاڻي سامونڊي ويرون چڙهڻ سبب پاڻي جي گهيري ۾ آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button